ڪارڪن اڄ رات کان اسلام آباد جا رستا بند ڪندا: پرويز خٽڪ جو اعلان

ڪراچي :اڳوڻي بچاءَ واري وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ پرويز خٽڪ اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪارڪن اڄ رات کان اسلام آباد جا داخلا ۽ نڪرڻ وارا رستا بند ڪندا

جيو نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته لانگ مارچ اڱاري کان خيبرپختونخواهه جي سمورن ضلعن ۾ شروع ٿيندو، پارٽي قيادت طرفان سمورن اسيمبلي ميمبرن ۽ مڪاني ادارن جي نمائندن کي لانگ مارچ جي هدايت ڪئي وئي آهي

هن چيو ته خيبرپختونخواهه کي چئن علائقن ۾ ورهايو ويو آهي، ڏاکڻين ضلعن ۾ ڊي آءِ خان تائين لانگ مارچ جي اڳواڻي علي امين گنڊاپور ڪندو، مالاڪنڊ ڊويزن ۾ مراد سعيد ۽ هزاره ۾ لانگ مارچ جي اڳواڻي اسد قيصر ۽ شاهه فرمان سان ڪندا

هن چيو ته عمران خان روز شام 4:30 وڳي ويڊيو لنڪ ذريعي چئني صوبن ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندو

پرويز خٽڪ چيو ته لانگ مارچ جا سمورا جلوس 11 کان 14 وڳي راولپنڊي پهچندا، راولپنڊي کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جي اڳواڻي عمران خان ڪندو

واضح رهي ته عمران خان اڱاري کان وزيرآباد کان لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي