عمران خان جا الزام: وزير اعظم پاران سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينج جوڙڻ جو مطالبو

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف سپريم ڪورٽ کان عمران خان جي الزامن تي فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو عمران خان تي حملي جي واقعي جي مذمت ڪري ٿو، زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن واقعي جي مذمت ڪئي آهي، مون ان واقعي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ملتوي ڪري ڇڏي هئي، الله تعاليٰ زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي، الله ان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت فرمائي
شهباز شريف جو چوڻ آهي ته افسوسناڪ واقعي تي الزام بازي کان پاسو ڪيو وڃي، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي به اڳڀرائي ٿي آهي، اهڙي صورتحال ۾ الزامبازي کان پاسو ڪيو وڃي، ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي بزدليءَ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي
وزيراعظم جو چوڻ آهي ته مون تي، گهرو وزير ۽ اداري جي هڪ آفيسر تي ڪوڙا الزام لڳايا ويا، ڀارتي ميڊيا عمران خان جي الزامن کي بنياد بڻائي اداري جي خلاف واويلا ڪري رهيو آهي
هن چيو ته عمران خان سر کان پيرن تائين ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، پنجاب حڪومت، پوليس، اسپيشل برانچ عمران خان تي حملي جي جاچ ڪرائي