اعظم سواتي سان رياست جيڪو ڪيو اها انساني قدرن جي لَتاڙَ آهي: عمران خان

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اعظم سواتي سان رياست جيڪو ڪيو اهو سمورن  قدرن جي پائمالي آهي.

عمران خان ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيوته پاڪستان چادر ۽ چوديواري جي تقدس، قدرن جي پاسداري ۽ خانداني ساک ۽ عزت جي تقدس لاءِ وجود ۾ آيو هو .

هن لکيو ته رياست هٿان جيڪو ڪجهه اعظم سواتي سان ٿيو اهو سمورن قدرن جي پائمالي آهي، اعظم سواتي جي گهرواري جي وڊيو سامهون اچڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل ۽ صدمي جو سبب آهي، دعا آهي ته ڪنهن کي به اهڙي قسم جي صورتحال جو منهن ڏسڻو نه پوي. چيف جسٽس آف پاڪستان واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي.