عمران خان ۽ سندس ڪوچ غلط فهمي ۾ نه رهن، بندوق جي زور تي بليڪ ميل نه ٿينداسين: جاويد لطيف

لاهور: وفاقي وزير ميان جاويد لطيف  چيو آهي ته  عمران خان ۽ سندس ڪوچ ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهن، ڪنهن کي به بندوق جي زور تي بليڪ ميل ڪرڻ ڏينداسين

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته ماضيءَ ۾ جيڪي غلطيون ٿيون انهن کي درگذر ڪري اڳتي وڌي رهيا آهيون، پر بندوق جي زور تي ڪنهن کي مطالبا مڃرائڻ نه ڏينداسين

هن چيو ته جٿا وٺي ايندڙ عمران خان سان اڄ ڳالهيون ڪيون ويون ته سڀاڻي ٻيا به جٿا وٺي اسلام آباد ايندا

ميان جاويد لطيف وڌيڪ چيو ته  ڪجهه ماڻهو ايندڙ وقت ۾ اعتراف ڪندا ته هنن نواز شريف کي هٽائي غلطي ڪئي

Imran Khan and Sundus coach should not be under misunderstanding