ارشد شريف قتل ڪيس ۾ 3 رڪني جاچ ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ سينئر صحافي ارشد شريف جي ڪيس ۾ 3 رڪني جاچ ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب 3 رڪني ڪميشن جو سربراهه جسٽس(ر) عبدالشڪور پراچه هوندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪميشن پاڪستان، ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017 جي تحت ٺاهيو پيو وڃي.
ڪميشن جي منظوري لاءِ گهرو وزارت ڪابينه جي منظوري لاءِ سمري اماڻي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ارشد شريف قتل ڪيس جي لاءِ ٺاهيل ڪميشن واري سمري جي منظوري سرڪيوليشن ذريعي وفاقي ڪابينه کان ورتي ويندي.
ياد رهي ته ان کان اڳ هڪ ٻه رڪني اعليٰ جاچ ڪميٽي به ارشد شريف قتل ڪيس جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ڪينيا ۾ موجود آهي.

Arshad sharif murder case