مڇر ڪالوني ۾ قتل ٿيل 2 نوجوان شهيد قرار: 50-50 لک معاوضي جو اعلان

ڪراچي: سنڌ ڪابينا مڇر ڪالوني ۾ جنوني هجوم هٿان وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل ٻن نوجوانن جي وارثن لاءِ 50-50 لک معاوضي جو اعلان ڪيو آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ جنوني هجوم هٿان مارجي ويل ٻنهي نوجوانن کي شهيد قرار ڏنو ويو
آءِ جي سنڌ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته نجي ٽيلي ڪام ڪمپني جو هڪ انجنيئر ۽ سندس ڊرائيور موبائيل فون جو ٽاور چيڪ ڪري رهيا هئا
آءِ جي موجب انجنيئر جي گاڏي ۾ ميڊيڪل ڪٽ پيل هئي، ميڊيڪل ڪٽ ۾ پايوڊان به هئي، علائقي واسين کي لڳو ته ان ذريعي ٻارڙن کي بيهوش ڪري اغوا ڪيو ويندو آهي
آءِ جي سنڌ موجب 15 جوابدارن جي وڊيوز ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، سڃاڻپ ڪيل سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تربيت يافتا پوليس فورس جي ضرورت هئي
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مڇر ڪالوني جهڙا واقعا معاف ڪرڻ جوڳا ۽ برداشت ڪرڻ جوڳا نه آهن