مڇر ڪالوني واقعو: آءِ جي سنڌ جي ڪابينا ۾ طلبي: چيف جسٽس جو نوٽيس

ڪراچي: سنڌ ڪابينا مڇر ڪالوني واري سانحي بابت بريفنگ لاءِ آءِ جي سنڌ کي هلندڙ اجلاس دوران سڏائي ورتو، جنھن اجلاس ۾ پھچي واقعي بابت بريفنگ ڏني آھي

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مڇر ڪالوني واري سانحي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي

ھوڏانھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي

بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرن کي 6 لک 73 هزار 867 خيما ڏنا ويا آهن، 5 لک 45 هزار 12 ترپالون ۽ مڇردانيون به ڏنيون ويون، متاثرين ۾ راشن ورهائڻ جو سلسلو جاري آهي

صوبائي وزير ڄام شورو چيو ته نومبر تائين 85 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي ويندو ۽ ڊسمبر تائين سمورو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

  • TAGS