عمران خان گرفتاري دوران تشدد جي واقعن تي چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيف جسٽس کان انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ته قوم کي تحفظ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.
شاهدره ۾ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان انسان آهيون رڍ ٻڪريون نه آهيون، اسان دنيا جي سڀني کان وڏي عظيم اڳواڻ محمد مصطفيٰ صه جا امتي آهيون. اسان کي جانورن جيان نه رکيو وڃي. موجوده حڪمران 1100 ارب روپين جو ڌاڙو معاف ڪرڻ آيا آهن. چورن کي اسان مٿان مڙهيو ٿو وڃي ۽ پوءِ چيو ٿو وڃي ته رڍون ٻڪريون بڻجي هنن کي قبول ڪريو ته ائين نه ٿيندو.
عمران خان چيو ته ڪڏهن به غلام جي اڏام مٿانهين ناهي هوندي. چاهيان ٿو ته نوجوانن جي تربيت ٿئي ته جيئن کين خبر پوي ته آزادي ڇا هوندي آهي. اسان کي شرم وچان ٻڏي مرڻ گهرجي ته هڪ بزرگ کي تشدد جو نشانو بنايو ويو. اعظم سواتي تي سندس گهر وارن جي سامهون تشدد ڪيو ويو. شهباز گل تي به تشدد ٿيو. جيڪو ملڪ ۾ ظلم ٿي رهيو آهي اهو کين نظر ڇو نه پيو اچي.
عمران خان چيف جسٽس آف پاڪستان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جو ڪم قانون جي حفاظت ڪرڻ آهي. قوم اوهان طرف ڏسي رهي آهي. گرفتاري دوران تشدد سموري دنيا ۾ قانون جي خلاف آهي جيڪڏهن اوهان اسان کي تحفظ نه ڏيندو ته اسان جي حقن جي حفاظت ڪير ڪندو؟
هوڏانهن عمران خان جي اڳواڻي ۾ تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ فيروز والا طرف روان دوان آهي. مريد ڪي ۽ سادهو ۾ به لانگ مارچ جي استقبال جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. رچنا ٽائون ۾ به ميدان تيار ٿي ويو آهي. ٻئي ڏينهن لانگ مارچ جي منزل ڪامونڪي هوندي