عمران خان جو لانگ مارچ انقلاب لاءِ نه پر مرضي جو آرمي چيف لڳرائڻ لاءِ آهي: نواز شريف

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ ن ليگ جَي قائد نواز شريف چيو آهي ته عمران خان جو لانگ مارچ انقلاب لاءِ نه پر پنهنجي مرضي جو آرمي چيف لڳرائڻ لاءِ آهي
اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف عمران خان جي لانگ مارچ جي اعلان تي رد عمل ظاهر ڪندي ٽوئٽ ڪيو

نواز شريف ٽوئٽ بيان ۾ چيو ته عوام عمران خان جو انقلاب سندس چئن سالن جي حڪمراني ۾ ڏسي چڪو آهي، ٻين کي چور ڪوٺيندڙ عمران خان پاڻ تاريخ جو سڀ کان وڏو چور ثابت ٿي چڪو آهي

Imran Khan who is willing to impose the long march of the revolution