اڳوڻي گھرواري تي تشدد جي تصوير وائرل ٿيڻ تي فيروز خان جو ردعمل اچي ويو

ڪراچي : اڳوڻي گھرواري تي تشدد جي تصوير وائرل ٿيڻ تي فيروز خان جو ردعمل اچي ويو آھي

مشهور اداڪار فيروز خان پنهنجي اڳوڻي زال عليزا سلطان طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل تشدد جي ثبوتن تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي

گذريل ٻن ڏينهن کان عليزا جي تشدد جون ڪجهه تصويرون انسٽاگرام سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي وائرل ٿي رهيون آهن، جنهن تي پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل ڪيترن ئي مشهور شخصيتن به فيروز خسن خلاف سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي

جڏهن ته هاڻي اداڪار پاڻ ان تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ سمورن الزامن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي

فيروز خان پنھنجي انسٽاگرام تي جاري اسٽوري ۾ چيو آھي تھ مان پاڻ مٿان لڳايل ۽ سوشل ميڊيا تي جاري بي بنياد، ڪوڙا، بدنيتي تي ٻڌل الزامن جي ترديد ڪريان ٿو، انھن الزامن ۾ ڪا بھ حقيقت ناھي