ڪنهن به پليٽ فارم کي ادارن خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي: آصف زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران ادارن خلاف نعريبازي جي سخت مذمت ڪئي وئي آھي، پنهنجي ھڪ بيان ۾ آصف زرداري چيو آهي ته ڪنهن به پليٽ فارم کي ادارن خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي

اڳوڻي صدر چيو ته عمران خان جي هر تقرير سياست بدران نفرت سان ڀريل هوندي آهي، هن شخص جون ڪڙيون جتي ملن ٿيون انهن جي خبر آهي ۽ هو ڪنهن جي چوڻ تي ادارن خلاف نفرت پکيڙي رهيو آهي

پاڪستان جي بقا اسان جي ادارن سان ئي آهي، افسوس آهي ته هڪ شخص هن ملڪ کي گارين ۽ نفرت کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي

آصف علي زرداري جو چوڻ ھو ته اسان جا جوان ۽ آفيسر ان ئي وردي ۾ پنهنجيون جانيون قربان ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي خلاف نعرا مذمت جوڳا آهن