آمريڪا پاران ارشد شريف جي موت جي شفاف جاچ جو مطالبو

ڪراچي: آمريڪا ڪينيا جي سرڪار کان پاڪستاني صحافي ارشد شريف جي موت جي ڀرپور ۽ شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي

آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نرڊ پرائيس چيو آهي ته ارشد شريف جي ڪم کان دنيا واقف آهي، خبر نه آهي ته هن جي موت جا ڪارڻ ڇا هئا

آمريڪي پرڏيھي وزارت جي ترجمان موجب ڪينيا جي حڪومت کي چونداسين ته سندس موت جي ڀرپور ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي

آمريڪي ترجمان عمران خان جي نااهلي بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو

نرڊ پرائيس چيو ته آمريڪا پاڪستان جي اندروني سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ٿو ڪري سگهي، اسان پاڪستان جي عدليه ۽ سياسي نظام وچ ۾ تڪرار تي بحث نه ٿا ڪري سگهون