آزاد ڪشمير جو 75 هون تاسيس جو ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: آزاد ڪشمير جو 75 هون تاسيس جو ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي. 24 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي انقلابي حڪومت جو تاسيس جو ڏهاڙو آهي .

هن ڏينهن تي ڪشميرين ڊوگره راڄ کان آزادي حاصل ڪري  پنهنجي الڳ رياستي خودمختياري جو اعلان ڪيو هو .

آزاد ڪشمير جي 75هين تاسيس واري ڏهاڙي تي گادي واري شهر ۾ فجر جي نماز کانپوءِ توپن جي سلامي ڏني وئي .