پاڪستاني فلم “مولا جٽ” پهرين هفتي ۾ 80 ڪروڙ رپيا ميڙي ورتا

لاهور: مولا جٽ فلم نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا،ميگا بجٽ ۽ ميگا ڪاسٽ فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” رليز جي پهرين ئي هفتي 80 ڪروڙ رپيا ڪمائي پاڪستاني سئنيما جي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي

هڪ هفتي ۾ رڪارڊ ڪندڙ پهرين فلم بڻجي وئي. “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” کي گذريل هفتي 13 آڪٽوبر تي پاڪستان سميت دنيا ۾ رليز ڪيو ويو هو، فلم کي پوري دنيا ۾ هڪ هزار ويجهو اسڪرينز تي رليز ڪيو ويو  هو. فلم رليز جي پهرين ڏينهن 10 ڪروڙ رپيا ڪمائي نئون رڪارڊ پنهنجي نانءِ ڪيو هو

جڏهن ته فلم 5 ڏينهن ۾ 50 ڪروڙ رپيا ڪمائي نئين تاريخ رقم ڪئي هئي. پاڪستاني سينما جي تاريخ ۾ اڄ تائين ڪنهن به فلم پنج ڏينهن ۾ 50 ڪروڙ رپيا نه ڪمايا آهن جڏهن ته هاڻي هن فلم هڪ ٻيو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪندي هڪ ئي هفتي ۾ 80 ڪروڙ رپيا ڪمائي نئون اعزاز حاصل ڪيو آهي