پي ٽي آءِ طرفان عمران خان جي نااهلي وارو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان

پاڪستان تحريڪ انصاف توشه خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته فيصلي خلاف اڄ هاءِ ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪندي، اڄ ئي درخواست داخل ڪرائي ويندي

ٻئي طرف فواد چوڌري چيو ته اسان کي اليڪشن ڪميشن کان اڳ به ڪا اميد نه هئي، اليڪشن ڪميشن شرمناڪ فيصلو ڏنو، اليڪشن ڪميشن جو اهو فيصلو پاڪستان جي ادارن تي حملو آهي

هن چيو ته مان عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته پنهنجي حق لاءِ ٻاهر اچن، اڄ پاڪستان ۾ انقلاب جي شروعات ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ ۽ عوام ان فيصلي کي رد ڪن ٿا

شهباز گل چيو ته اڄ نواز شريف جي  ذاتي نوڪر عمران خان خلاف فيصلو ڏنو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر تي کين اڳ ئي اعتماد نه هو