عمران خان خلاف رڳو هڪ فيصلو ٿيو آهي، ٻيا فيصلا به ايندا: بلاول ڀٽو

ڪراچي: بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان خلاف ڪيترائي ثبوت آهن، توشه خانه ننڍو ڪيس آهي، ان کان به وڏا ڪيس آهن، عمران خان خلاف پرڏيهي فنڊنگ سميت ٻين ڪيسز جا به فيصلا اچڻا آهن

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان پاڻ چور نڪتو، سڳ سوڌو پڪڙيو ويو، عمران خان چوندو هو ته چورن سان نه ويهندس، هاڻي هو پاڻ ئي چور نڪتو آهي

بلاول ڀٽو چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي متحده عرب امارات جو شڪر گذار آهيان، هو ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺو آهي

Only one decision has been taken against Imran Khan