عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جو فيصلو اڄ ٿيندو

اسلام آباد: عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جو فيصلو اڄ ٿيندو، اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام سخت ڪيا ويا آھن

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي ڳوڙها آڻيندڙ شيل به پهچايا ويا، هڪ ايس ايس پي، 5 ايس پيز، 6 ڊي ايس پيز سميت 11 سئو اهلڪار مقرر ڪيا ويا

رينجرز ۽ ايف سي سيڪيورٽي صورتحال سنڀاليندا، اليڪشن ڪميشن منجهند 2 وڳي فيصلو ٻڌائيندي، ڌُرين کي نوٽيس جاري ٿيل، اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف 19 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو