سنڌ جي تعليم کاتي وفاقي سرڪار سان 4 سبجيڪٽس جو هڪ نصاب هئڻ تي اتفاق ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي وفاقي سرڪار سان 4 سبجيڪٽس جو هڪ نصاب هئڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي
سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير سان ملاقات بعد چيو ته 4 سبجيڪٽس جو نصاب ڀلي هڪڙو هجي
هن چيو ته انگريزي، سائنس، ڪمپيوٽر سائنس ۽ رياضي جا سبجيڪٽس ساڳيا هئڻ گهرجي، باقي مادري ٻولي ۽ ٻي تعليم صوبن جو اختيار آهي
وفاقي وزير راڻا تنوير چيو ته سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ سبب اسڪول تباهه ٿيا آهن، ٻارن جي تعليم جي بحاليءَ لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏ آهيون