گذريل 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ76567 متاثر خاندان ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي : صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ  سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن، گذريل 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ76567 متاثر خاندان ۾ راشن بيگز ورهايا ويا آهن

 جاري بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو آھي تھ رليف ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرن کي 2وقت کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن پيون

شرجيل انعام ميمڻ موجب برساتن ۽ ٻوڏ دوران واقعن  ۾ 786 ڄڻا فوت ۽ 8422ڄڻا  زخمي ٿيا، ٻوڏ متاثرن جي واھر جاري آھي، ڪيترائي خاندان برسات متاثر علائقن ڏانھن واپس ھليا ويا آھن