دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان مضبوط ڀائيواري چاهيون ٿا: آمريڪا

ڪراچي : آمريڪي پرڏيھي کاتي چيو آھي تھ  دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان مضبوط ڀائيواري چاهيون ٿا، تحريڪ طالبان جهڙيون تنظيمون خطي لاءِ خطرو آهن

امريڪا جي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو ته عالمي ۽  علائقائي دهشتگرد تنظيمن خلاف پاڪستان مان ڪارروائي جي اميد رکون ٿا

ويدانت پٽيل موجب پاڪستان کي دهشتگرديءَ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، صدر جوبائيڊن جي پاڪستان بابت بيان تي تبصرو وائيٽ هائوس لاءِ ڇڏيون ٿا

آمريڪي پرڏيھي کاتي جي ترجمان موجب آمريڪا هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ڏسڻ چاهي ٿو، ٽي ٽي پي جهڙن خطرن جو مقابلو ڪرڻ پاڪستان جي مفادن وٽان آهي، پاڪستان ڪارروائي جاري رکي آمريڪا سهڪار لاءِ تيار آهي