فارن فنڊنگ ڪيس: عمران خان جي عبوري ضمانت منظور

 اسلام آباد جي عدالت فارن فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي 31 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

عمران خان وڪيل ذريعي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ۽ بعد ۾ پاڻ به عدالت آڏو پيش ٿيو، درخواست ۾ ايف آءِ اي کي گرفتاري کان روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي

عدالت هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪئي آهي