ايٽمي اثاثن جي تحفظ لاءِ پاڪستان مان مطمئن آهيون: آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪا جي پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته ايٽمي اثاثن جي حوالي سان پاڪستان جي عزم تي اسانکي يقين آهي.

اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو ميڊيا ٽاڪ دوران پاڪستان بابت صدر جو بائيڊن جي موقف تي خيالن جو اظهار ڪندي چوڻ هو ته صدر بائيڊن سمجهي ٿو ته محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان آمريڪي مفادن جي لاءِ انتهائي اهم آهي.

آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ترجمان اهو به چيو ته پاڪستان سان ڊگهي عرصي واري لاڳاپن کي سُٺي نظر سان ڏسون ٿا.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر جو هڪ بيان سامهون آيو هو جنهن ۾ هن روس ۽ چين سميت پاڪستان کي به نشانو بڻائيندي پاڪستان جي ايٽمي اثاثن کي غير منظم قرار ڏنو هو.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀُٽو زرداري آمريڪي صدر جي بيان کي رد ڪندي چيو هو ته پاڪستان جا جوهري اثاثا بلڪل محفوظ آهن ۽ عالمي قانونن موجب ئي آهن. اسان جا جوهري اثاثا ملڪي سالميت جي لاءِ آهن ملڪ خلاف جارحيت جي لاءِ نه.