“مولا جٽ” لاءِ تلوار بازيءَ جي تربيت جرمن ماهرن کان ورتي: حميمه ملڪ

ڪراچي: فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ ۾ ولن جي محبوبه جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا حميمه ملڪ چيو آهي ته مان فلم ۾ تلوار بزي ۽ گهوڙي سواري جي تربيت جرمن ماهرن کان ورتي هئي

فلم ۾ پنهنجي ڪردار ۽ ان جي شوٽنگ دوران پيش ايندڙ ڏکيائين جي حوالي سان حميمه ملڪ ٻڌايو ته پوري ڪاسٽ لاءِ زارا شاهجهان سميت ٻين ڊيزائنرن کان لباس تيار ڪرايا ويا هئا

جڏهن ته ميڪ اپ آرٽسٽس کي به ٻاهرين ملڪن جي ماهرن کان ٽريننگ ڪرائي وئي. هن ٻڌايو ته فلم ۾ گهوڙي سواري، تلوار بازي ۽ نيزه بازي سميت ٻيا خطرناڪ منظر شوٽ ڪرائڻ لاءِ اداڪارن کي پهريان تربيت ڏني وئي هئي

اداڪارا چيو ته منهنجي تربيت لاءِ يورپي ملڪ جرمني کان ماهرن کي گهرايو ويو هو، جن هڪ مهيني تائين مونکي تربيت ڏني. حميمه ملڪ چيو ته “دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ ۾ ولن “نوري نٿ” جي هڪ ئي ڪمزوري هوندي آهي ۽ هن جي ڪمزوري جو ڪردار مان ئي ادا ڪيو آهي