بجليءَ جو بريڪ ڊائون، ڌاٻيجي پمپ لائين ڦاٽي پئي، ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ معطل

ڌاٻيجي: بجليءَ جي اوچتي بريڪ ڊائون سبب ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ ڌاٻيجي پمپ لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي

72 انچ قطر جي پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب ڌاٻيجي پمپ هائوس ۽ نيشنل هاءِ وي کي ملائيندڙ روڊ به پاڻيءَ هيٺ اچي ويو

پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻيءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي

ايگزيڪيوٽو انجنيئر جو چوڻ آهي ته پاڻي تمام گهڻو آهي، پاڻي نيڪال ٿيڻ بعد پائيپ لائين جي مرمت جو ڪم شروع ٿيندو، پائيپ لائين جي مرمت ۾ 36 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا

Dhabeji pump line burstElectricity breakdown