ڪراچي: سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ ٻيهر اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويو آھي
سنڌ سرڪار اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ٽن مهينن لاءِ ملتوي ڪيون وڃن
خط ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو نه ٿو ڪيو وڃي ته ڪراچي ڊويزن ۾ ٻن مرحلن ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، ٻن مرحلن ۾ چونڊون پرامن ۽ شفاف انداز ۾ ٿي سگهنديون