نوري آباد ويجھو ٻوڏ متاثرن جي ڪوچ کي باھ: فوتين جو انگ 18 ٿي ويو

نوري آباد: نوري آباد ويجهو ڪي اين شاهه واسي ٻوڏ متاثرن جي ڪوچ کي باهه لڳي وئي، عورتن ۽ ٻارن سميت 16 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، فوتين جو انگ 18 ٿي ويو آھي

 فوتين ۾سسئي، سويرا، رخسانا، مريم، افسانا، تانيا ۽ ٻيا شامل آھن، شاهزين، مسرور، مومن حسين ۽ ٻيا به اجل جو شڪار، سمورن فوتين جا مڙهه ڪي اين شاهه منتقل ڪيا ويا

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثر ڪراچي کان پنهنجي اباڻن ڪکن ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا، ڪوچ ۾ مغيري برادري جا 60 کان 70 ماڻهو سوار هئا

بدنصيب ڪوچ کي اوچتو باهه لڳي ته اڪثر متاثر در ۽ درين جا شيشا ٽوڙي ٻاهر نڪري ويا، نوري آباد ڀرسان ڪوچ کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل هڪ ٻوڏ متاثر جي ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه ڪئي

زخمي جو چوڻ هو ته مسافر ڪوچ ۾ 70 ٻوڏ متاثر سوار هئا، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 10 کان 12 ڄڻا ڪوچ ۾ ڦاسي پيا، وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان واقعي تي افسوس جو اظهار، ڊي سي ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان جاچ رپورٽ پڻ طلب ڪئي وئي آھي