آرمي چيف جي مقرري تي ڪنهن جي به نه ٻُڌو: چوڌري شجاعت جو وزير اعظم کي مشورو

وزيراعظم شهباز شريف کي چوڌري شجاعت حسين آرمي چيف جي مقرري مامري تي مشورا ڏنا آهن

چوڌري شجاعت وزير اعظم کي صلاح ڏني ته آرمي چيف جي مقرري واري معاملي تي ڪنهن جي به نه ٻُڌو، آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪريو

وزيراعظم ۽ چوڌري شجاعت وچ ۾ ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، وزيراعظم چوڌري شجاعت کي چيو ته آرمي چيف جي مقرري قانون ۽ آئين موجب ئي ٿيندي

ذريعن موجب وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين کان طبيعت جو پڇيو، چوڌري شجاعت مرڪندي چيو توهان مهانگائي گهٽايو، منهنجي طبيعت وڌيڪ بهتر ٿي ويندي

چوڌري شجاعت حسين چيو ته وزيراعظم صاحب اسان توهان سان گڏ آهيون پر عوام کي رليف ڏيو، پيٽرول جا اگهه گهٽايو

وزيراعظم چيو ته اسحاق ڊار واپس اچي ڊالر کي گهٽايو آهي، هاڻي مهانگائي گهٽائڻ تي ڌيان پيا ڏيون