ٻنهي جهانن جي سردار نبي ڪريم صه جي آمد جو جشن عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي آمد جو ڏهاڙو اڄ پوري پاڪستان ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، شهرن ۽ ڳوٺن، مسجدن، گهرن ۽ عمارتن کي روشنين سان سينگاريو ويو آهي.
ڏينهن جي شروعات تي وفاقي راڄڌاني ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي.
عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ مجلسون منعقد ڪيون پيون وڃن، ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عيد ميلاد النبي صه جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن.
سڄي ملڪ ۾ درود و سلام جون محفلون منعقد ڪيون پيون وڃن.
صدر عارف علوي 12 ربيع الاول جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جيڪڏهن اسان سماج، قوم ۽ ملڪ ۾ امن، ڀائيچارو ۽ ترقي چاهيون ٿا ته اسان کي ان مثالي معاشري جي اعليٰ قدرن کي اپنائڻو پوندو جنهن جو بنياد نبي ڪريم صه جن رکيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان کي پنهنجي پياري نبي صه جي ڪامل اطاعت جي توفيق عطا فرمائي.
ٻئي طرف اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پشاور، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، نوشهرو فيروز، ٺٽي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص سميت سڄي ملڪ ۾ 12 ربيع الاول جي سلسلي ۾ مسجدن، عمارتن ۽ گهرن کي خوبصورتي سان سينگاريو ويو آهي.
صوبائي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڏينهن جي شروعات 21 توپن جي سلامي ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ دعائن سان ڪئي وئي، جڏهن ته شهر جي 40 کان وڌيڪ علائقن مان ننڍا وڏا جلوس ڪڍيا ويا آهن.
ڪراچي ۾ 12 ربيع الاول جي جلوس جي گذرگاهه ايم اي جناح روڊ کي ڪنٽينر رکي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، مرڪزي جلوس جي گذرڻ لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
ايم اي جناح روڊ تي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ايم اي جناح روڊ ڏانهن ويندڙ روڊن ۽ گهٽين تي ڪنٽينر رکي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
12 ربيع الاول جي موقعي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي کانسواءِ جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ خصوصي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان موبائل فون سروس معطل آهي ۽ عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ سڪيورٽي خدشن سبب مرڪزي جلوس جي روٽ سميت مختلف علائقن ۾ موبائيل سروس معطل رهندي.

The arrival of the Prophet of both worlds