پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ھڪ وڌيڪ مبينا آڊيو وائرل

ڪراچي: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران هارس ٽريڊنگ ڪرڻ واري هڪ وڌيڪ مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي آھي، ليڪ ٿيل آڊيو ۾ عمران خان 5 ايم اين ايز جي خريداري جي ڳالهه ڪري رهيو آهي

ليڪ ٿيل آڊيو ۾ عمران خان چوي ٿو ته 5 ايم اين ايز ته خريد ڪري رهيو آهيان، اهي پنج انتهائي اهم آهن

عمران خان چوي ٿو تھ هنن کي چئو ته وڌيڪ 5 اسان کي ڏين، 10 ٿي وڃن ته پوءِ گيم اسان جي هٿ ۾ آهي، ايئن نه سوچيو ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي، توهان کي غلط فهمي آهي ته توهان جا نمبر گيمز پورا آهن

عمران خان آڊيو ۾ چوي ٿو تھ قوم ھن وقت سجاڳ ٿي وئي آھي، پنھنجي طرفان ڪيتريون چالون  ھلايان پيو، ماڻھو چاھين ٿا تھ ڪھڙي طرح عمران خان کٽي وڃي