آڊيو ليڪ سان عمران خان جو ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو ڀورا ڀورا ٿي ويو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آھي ته آڊيو ليڪ سان عمران خان جو ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو ڀورا ڀورا ٿي ويو، اسان جي حڪومت چور دروازي کان نه پر پارليامينٽ ۾ ووٽ ذريعي آئي آهي، عمران نيازي پارليامينٽ کي غدار ڪوٺي توهين ڪئي آهي

 اسلام آباد ۾ تقريب دوران ڳالھائيندي وزيراعظم شھباز شريف چيو ته وزيراعظم باره ڪهو باءِ پاس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ بعد چيو ته عمران نيازي بدترين سازش ڪري پاڪستانين کي دنيا ۾ شرمسار ڪيو

ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ کٽڻ ۽ ڪينسر جي اسپتال ٺاهڻ عمران جا سٺا ڪم هئا، خبر نه هئي ته عمران خان ايڏو ڪوڙو شخص ثابت ٿيندو

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهورجي عدالت ۾ پيش ٿيو ، عدالت حاضري لڳائڻ کانپوءِ وزيراعظم کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي

وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تھ پارٽي سربراهه رياست بچائڻ لاءِ اهم ذميواري ڏني، ڏکين حالتن ۾ پارٽي سربراهه رياست کي بچائڻ لاءِاهم ذميواري ڏني

مون مٿان مني لانڊرنگ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، نواز شريف، مريم نواز ۽ مون سوڌو پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ٺاھيا ويا

وزيراعظم جو چوڻ ھو تھ ڪوڙن ڪيسن مان آھستي آھستي آجا ٿي رھيا آھيون، عوام جي خدمت جاري رھندي

Audio leak of Imran Khan