قمبر: ڊگري ڪاليج رليف ڪئمپ ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگھي 2 ٻارڙا فوت

قمبر: قمبر جي ڊگري ڪاليج رليف ڪئمپ ۾ سهولتن جي کوٽ، غذائي کوٽ ۽ مليريا وگهي 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ ٽن ورهين جي پياري ۽ ڏيڍ سال جو علي حسن شامل آھن

سهولتن جي کوٽ خلاف متاثرن پاران ڌرڻو ھنيو ويو، ضلعي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي، متاثرن چيو آهي ته رليف ڪئمپ ۾ هڪ مهيني کان ترسيل آهيون، پر هتي ڪي به سهولتون ناهن، انتظاميا نڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي، سار لڌي وڃي