سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل، ايڊووڪيٽ غلام شبير بابر طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ وفاق، سنڌ حڪومت ۽ ٻين لاڳاپين ادارن کي ڌر بڻايو ويو

ان سلسلي ۾  درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب سمورا ضلعا متاثر ٿيا آهن، سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارا جوڳا بندوبست ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي

 درخواست ۾ 2011ع دوران پاڻمرادو ورتل نوٽيس جي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي