ڪي اين شاهه شهر کي بچائڻ واري معاملي ۾ ڪوتاهي ٿي آهي: خرم دستگير

دادو: وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته دادو، جوهي، ڀان ۽ ڪي اين شاهه جي بجلي ٻن ڏينهن ۾ بحال ٿي ويندي

وفاقي وزير 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن ۽ اين ڊي ٽي سي پاران قائم ڪيل رليف ڪئمپ جو به پڻ دورو ڪيو، جنهن دوران کيس بريفنگ ڏني وئي

خرم دستگير چيو ته دادو، ڪي اين شاهه، ڀان ۽ جوهي شهرن ۾ بجلي ٻن ڏينهن اندر بحال ڪئي ويندي، گرڊ اسٽيشن جي ٻڏڻ جو خطرو هو، وڏي محنت ڪري کيس محفوظبڻايو هو