پراڻ ڍوري ۾ چاڙهه، پاڻي جھڏو جي شھري آبادي ۽ ڳوٺن ۾ داخل

ڪراچي : ايل بي او ڊي ۽ پراڻ ڍوري جي پاڻي ۾ ٻڏي ويل جهڏي ۾ ٻوڙان ٻوڙ جا منظر! پراڻ ڍوري ۾ چاڙهه بعد رهواسي خوف ۾ وڪوڙجي ويا، ڍوري جو پاڻي مختلف هنڌن تان اوور ٽاپ ڪري شهري آباد ۽ ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو

جهڏو شهر جي 80 سيڪڙو علائقن ۾ 3 کان 6 فُٽ تائين پاڻي بيٺل آھي، پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهو خوراڪ، پيئڻ جو پاڻي ۽ دوائون ختم ٿيڻ سبب بيمار ٿيڻ لڳا

ملڪاڻي شريف ڀرسان پراڻ ڍوري کي لڳل گهارو 17 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻڌجي نه سگهيو، گهار جي پاڻي اڳيان ايندڙ سوين ڳوٺن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آھي

يوسي ملڪاڻي، سمن سرڪار ۽ ديهه ٻنگار ۾ ڪچا گهر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آھن، ان سلسلي ۾  ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌي رهيا آهيون پر انتظاميا ڪابه مدد نٿي ڪري

ڳوٺاڻن موجب رستو نه ملڻ ڪري سم نالن ۽ شاخن جو پاڻي ابتو وهڻ لڳو آهي، ٻوڏ متاثر خاندان کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، واھر ڪئي وڃي