وارهه تعلقو ٻڌڻ جو خدشو، قمبر شهدادڪوٽ ۾ به الرٽ جاري

ڪراچي: بلوچستان مان آيل پاڻي ۽ مختلف ڊرينز کي لڳل گهارن مان وارهه تعلقو ٻڌڻ جو خدشو آهي

ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ وارهه شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن لاءِ ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ماڻهن کي گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

 الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته وارهه شهر سوڌو سڄو تعلقو ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، واره مان نڪرڻ لاءِ واحد قمبر روڊ بچيل آهي، اُتي به موريون ڪمزور آهن