وارھ : ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ ڪيپٽن عابد علي وارھ پهچي پاڻي هيٺ آيل علائقن جو دورو ڪيو ۽ ڪڻڪ گدام جي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي سي قمبر چيو ته وارھ تعلقو تمام گهڻو متاثر ٿيو آھي، هڪ طرف برساتن ۽ بلوچستان کان آيل پاڻي ٻھراڙي کي مڪمل تباھ ڪيو آھي ته ٻئي طرف گهاڙ ڊرين پنا شاخ ۽ ٻين واهن کي گهارا لڳڻ سبب شھر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آيا آھن، ڊي سي چيو ته وارھ شھر صرف 3 ڪلوميٽرن جي دائري ۾ ٻڏڻ کان بچو آھي، باقي سمورو پاڻي هيٺ آھي هن چيو ته پاڻي کي رستو ڏيارڻ لاءِ سمورن ذميوار عملدارن سان ميٽنگ ڪئي آھي پاڻي کي رستو ڏيون پيا هن چيو ته ڪڻڪ گدام تي هزارين ٻوريون پيون آھن جن ۾ ڪجه عملدارن جو نظرون آھن پر ڪنهن هڪ ٻوري به کنئي ته فوڊ انسپيڪٽر زميوار هوندو انسپيڪشن ٽيم ويهاري ويندي جيڪا نظر ڪندي. ٻئي طرف ڊي سي وارھ پهچڻ تي متاثرن شڪايتن جا انبار لڳائيندي امداد جي گهر ڪئي، جنهن تي ڊي سي کين چيو ته سندس ڪوشش آھي ته جلد کين راشن ڏنو ويندو .