ڪراچي: ملڪ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ وري ڊالر هڪ رُپئي کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۽ مٽا سٽا واري مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر هڪ رُپيو 26 پئسا مهانگو ٿيو آهي.
انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر جو مُلهه 221.92 رُپيا رهيو .