سنڌ فيلڊ رليف فنڊ قائم: وزير ۽ صلاحڪار هڪ مهيني جي پگهار جمع ڪرائيندا

ڪراچي: سنڌ سرڪار سنڌ بينڪ تحت سنڌ فلڊ رليف فنڊ قائم ڪري ورتو، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جا وزير، پ پ ايم پي ايز، صلاحڪار ۽ معاون هڪ مهيني جِي پگهار جمع ڪرائيندا

شرجيل ميمڻ موجب 17هين کان مٿئين گريڊ جا سرڪاري ملازم پنجن ڏينهن جِي پگهار جمع ڪرائيندا، 16هين گريڊ ۽ اُن کان هيٺ وارا ملازم ٻن ڏينهن جِي پگهار فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ عالمي ڊونرز ايجنسيز ۽ سرندي وارن کي فلڊ رليف ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته برساتن جي تباهي سانحو آهي، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن