پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي جسماني رمانڊ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي جسماني رمانڊ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آھي، اڄ 3 وڳي فيصلو ٻڌايو ويندو

 ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته شهباز گِل کان رڳو ڊيٽا حاصل ناهي ڪرڻي، ڪيس جي مختلف رُخن ۾ جاچ ڪرڻي آهي

پراسيڪيوٽر موجب رڳو ڊيٽا جي ڳالهه هجي ها ته جسماني رمانڊ جي حمايت نه ڪريون ها، شهباز گِل جي وڪيل طرفان رمانڊ جي مخالفت ڪئي وئي آھي