ڪراچي ؛ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات جاري آھي، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات جاري آھي
ملير،گلشن حديد، گهگهر ڦاٽڪ، اسٽيل ٽائون، ڪاٺوڙ، نوري آباد، ٿاڻو بولاخان، حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ وسڪارو پيو
خيرپور، مٽياري ،گهوٽڪي، ڪشمور، ٻانڌي، گلاب لغاري، اڪري چودڳي، دوڙ، ڪوٽ لالو ۽ مورو ۾ به برسات پئي
ڏهرڪي، جروار،عادلپور، ڪي ٽي بندر، حيات پتافي، ٺل، ميرپور ٻرڙو، ٺٽو ، جنگشاهي، جمهپير، ڳاڙهو ۾ برسات جاري آھي
لاڙ ۾ برساتن سبب ٺٽي ۽ سجاول جي ساحلي پٽي سخت متاثر ٿي آھي، ميرپورساڪرو، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، جاتي ۽ شاهه بندر تعلقن ۾ تباهي آئي آھي
ٺٽي ضلعي ۾ سڄي رات وقفي وقفي سان وسڪارا،بچاءَ بندن کي گهارا پيا آھن، برسات سبب مختلف شھرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو، شھرين کي پريشانين جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي
موسميات کاتي موب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات ٽنڊي ڄام ۾ 129 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، مريد شاخ، ٽنڊو باگو، پليجاڻي، وڳڻ، ميرو خان، گهوڙا ٻاري ۾ به برسات پئي
قمبر، مورو، لاڙڪاڻي سميت مختلف شهرن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، شهري سخت پريشاني جو شڪار رھيا