پرڏيهي فنڊنگ ڪيس، اسد قيصر وڏي ڏچي ۾ پئجي ويو

پشاور: ممنوع فارين فنڊنگ ڪيس جي انڪوائري جي سلسلي ۾ وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي طلب ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي پشاور جي جاچ آفيسر طرفان اسد قيصر کي يارنهن آگسٽ تي ايف آءِ اي خيبرپختونخوا آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي.

اسد قيصر ڏانهن موڪليل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڪبر ايس بابر ڪيس جي فيصلي موجب توهان جا ٻه بئنڪ اڪائونٽس آهن. توهان ٻه بئنڪ اڪائونٽ کوليا ۽ استعمال ڪيا تنهنڪري ذاتي حيثيت ۾ جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿيو ۽ بئنڪ اڪائونٽن بابت سوالن جا جواب ڏيو.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان ممنوع فنڊنگ ڪيس واري فيصلي بعد ايف آءِ اي به پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ آفيس ملازمن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي.

Foreign funding case