اھا ڪھڙي آزادي آھي جو معاشي طور اسان آءِ ايم ايف جا غلام آھيون: وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف طرفان مولانا فضل الرحمان سان گڏ ڪي پي ۾ برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ويو، پي ڊي ايم سربراهه ۽ عملدارن وزيراعظم کي برسات جي نقصان بابت بريفنگ ڏني

وزيراعظم چيو آهي ته اھا ڪھڙي آزادي آھي جو معاشي طور اسان آءِ ايم ايف جا غلام آھيون، برسات ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي حڪومت جي ذميواري آهي، ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ وفاق جو صوبائي حڪومتن سان سهڪار جاري رهندو، اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي اٿئون ته سندن حدن ۾ تباهه ٿيل روڊ جلد بحال ڪيا وڃن

وزيراعظم شھباز شريف چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏ سروي بعد نقصان جي ازالي لاءِ قدم کنيا ويندا، وزيراعظم طرفان ڪي پي سرڪار تي فوتين جي پونيئرن لاءِ معاوضو 8 مان وڌائي 10 لک ڪرڻ تي زور ڏنو ويو، مولانا فضل الرحمان متاثر علائقن جا دورا ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا