بلوچستان: وزيراعظم پاران ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو، متاثرن کي فوري معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف پاران بلوچستان جي برسات ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو، شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان گڏ برسات جي هاڃن بابت بريفنگ ورتي

ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ پي ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي صوبي ۾ ٿيل نقصان بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم اين ڊي ايم اي چيئرمين کان امدادي ڪارروائين جي صورتحال به معلوم ڪئي، برسات متاثرن جي فوري بحاليءَ جو حڪم ڏنو ويو

صوبي جي برسات متاثرن کي 24 ڪلاڪن اندر معاوضو ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو

ٻئي پاسي بلوچستان ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ دوران 47 ٻارن سميت  136 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن، مختلف حادثن ۽ واقعن دوران 70 ڄڻا زخمي، پي ڊي ايم اي بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

 رپورٽ موجب برساتن سبب 13 هزار 535 گهرن کي نقصان پهتو، 3 هزار 406 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، ٻوڏ دوران 16 پلون لڙهي ويون، 640 ڪلوميٽرز رستن کي نقصان پهتو، ٻوڏ جي وهڪرن ۾ 23 هزار ڍور به لُڙهي مري ويا، هڪ لک 98 هزار ايڪڙن تي پوکيل فصلن کي  به نقصان پهتو آھي