سکر : سکر بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ بعد ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر، سکر بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ بعد ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آھي
سنڌو دريا ۾ تربيلا، چشما، تونسا ۽ گڊو وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آھي، 24 ڪلاڪن ۾ 68 هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌڻ بعد سکر بئراج ۾ مٿاهون وهڪرو 2لک 68625 ٿي ويو
سکر بئراج جو هيٺاهون وهڪرو 2 لک 38هزار 484 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، تازين برساتن سنڌ ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي