پاڪ فوج جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري

راولپنڊي: پاڪ فوج  پاران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن .

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ايمرجنسي رسپانس ٽيمون ضلعي انتظاميا سان ملي ڪري پاڻي صاف ڪرڻ ۾ مصروف آهن ، پاڪ فوج جون واٽرنگ ٽيمون ڄامشورو، گهارو گرڊ اسِٽيشن ۾ امدادي ڪارروائيون ڪري رهيون آهن جڏهن ته متاثر آبادين کي بنيادي خوراڪ ۽ طبي امداد به فراهم ڪري رهيون آهن .

پاڪ فوج جي ٽيمن مقامي رهواسين ۾ ضروري خوراڪ ۽ راشن ورهايو جڏهن ته طبي سهولتن سميت رليف ڪئمپ به قائم ڪيا ويا آهن . ڪوئيٽا ، تربت ، لسٻيلو ۾ به 1500 کان وڌيڪ ماڻهن کي طبي امداد ڏني ويئي آهي .