عبدالله شفيق گال ۾ پاڪستان کي تاريخي فتح ڏياري ڇڏي

گال: پاڪستان عبدالله شفيق جي بهترين بيٽنگ جي مدد سان سريلنڪا کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي گال اسٽيڊيم ۾ سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪرڻ جو نئون رڪارڊ جوڙي ڇڏيو.

پاڪستان سريلنڪا طرفان ڏنل 342 رنسن جو هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، عبدالله شفيق 160 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.

پاڪستان گال ٽيسٽ ۾ نه رڳو پنهنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ٻيو وڏو هدف حاصل ڪيو پر ان اسٽيڊيم ۾ سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ به قائم ڪيو آهي.

پنجين ڏينهن پاڪستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 222 رنسن کان رهيل اننگز شروع ڪئي ته ان کي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ 120 رنسن جي ضرورت هئي.

سينچري ٺاهيندڙ عبدالله شفيق سان گڏ نائب ڪپتان محمد رضوان موجود هو ۽ ٻئي چوٿين وڪيٽ لاءِ 71 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، ان مرحلي تي جئي سوريا 40 رنسون ٺاهيندڙ رضوان کي پويلين موٽايو.

ٻئي اينڊ تي عبدالله شفيق بهترين بيٽنگ جاري رکي ۽ نئين آيل بيٽسمين آغا سلمان سان گڏ وڌيڪ 22 رنسون جوڙيون پر پهرين ٽيسٽ کيڏندڙ آغا سلمان ٻي اننگز ۾ ٻه ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ 12 رنسون ٺاهي جئي سوريا جو شڪار بڻجي ويو.

5 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ اسڪور تيزي سان اڳتي وڌائڻ لاءِ حسن علي کي ميدان ۾ لاٿو ويو پر هو رڳو هڪ چوڪو هڻي ٻئي بال تي آئوٽ ٿي ويو.

ان کانپوءِ عبدالله شفيق جو ساٿ ڏيڻ محمد نواز آيو ۽ ٻنهي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي وڌيڪ ڪو به نقصان ٿيڻ نه ڏنو ۽ پاڪستان کي تاريخي فتح ڏياري ڇڏي.

پاڪستان ميچ کٽي ته عبدالله شفيق 160 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو، سندس اننگز ۾ 7 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو، جڏهن ته محمد نواز 19 رنسن سان ناٽ آئوٽ موٽيو.

عبدالله شفيق کي شاندار بيٽنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

واضح رهي ته ميچ ۾ سريلنڪا اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي پهرين اننگز ۾ 222 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم 218 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي.

ميچ جي ٻي اننگز ۾ سريلنڪا 337 رنسون ٺاهي پاڪستان کي فتح لاءِ 342 رنسن جو هدف ڏنو هو.