ڪراچي: مهانگائي کي منهن ڏيندڙ عوام لاءِ خوشخبري، وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شيون سستيون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
ناڻي واري وزارت کان تيل جَي اگهن ۾ لاٿ بابت سمري طلب، وزيراعظم جِي صدارت ۾ اجلاس دوران عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ جو فائدو عوام تائين پهچائڻ جو فيصلو
وزيراعظم چيو آهي ته، عوام قرباني ڏني آهي، اُن جو پورو ثمر ماڻهن کي ملڻ گهرجي