ڪاڇي ۾ برسات بعد نئيون تار وهي آيون، ڪيترن ئي ڳوٺن جو دادو ۽ جوھي سان رابطو ڪٽيل

جوھي:ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ برسات بعد نئيون تار وهي آيون، کنڌاڻي، نئينگ ۽ نئن انگئي ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه جي نتيجي ۾ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آھن

 ڪاڇي جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جو دادو ۽ جوهي شهر سان زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آھي، شھرين ۾ خوف پيدا ٿي ويو آھي

 ڪيٽي شاهاڻي، پنهون رستماڻي، پير لاکو، سجاول آلکاڻي ۽ ٻين ڳوٺن جا رهواسي اچ وڃ لاءِ پريشان ٿي ويا آھن، سندن مطالبو آھي تھ انتظاميا واھر ڪري رستا بحال ڪرائي بيچيني ختم ڪري