ثبوت آهن ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر هيروئن جي ٿيلهي اسلام آباد پوليس کي ڏني: راڻا ثناءُ

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مون وٽ ثبوت آهن ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ۽ احتساب بابت اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر مون خلاف ڪيس لاءِ هيروئن جي ٿيلهي اسلام آباد پوليس حوالي ڪئي هئي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ پهرين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو هو پوءِ ڪيس ٺاهيا ويندا هئا، پر اسان ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪيس ٺاهي رهيا آهيون

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي چوري تي ڳالهائڻ تي ماڻهو ڪاوڙجي رهيا آهن، مون وث ثبوت آهن، وقت اچڻ تي سامهون آڻيندس