حليم عادل شيخ هجي يا ڪو ٻيو، ڪير به قانون کان مٿي نه آهي: ريحانه لغاري

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري اپوزيشن ليڊر جي گرفتاري تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته حليم عادل شيخ هجي يا ڪو ٻيو، ڪير به قانون کان مٿي نه آهي

ھن چيو تھ حليم عادل شيخ جي گرفتاري بابت ڄاڻ نه آهي، گرفتاري ٿي آهي ته قانون پٽاندڙ ٿي هوندي

پاسي حليم عادل شيخ جي ڌيءُ عائشه حليم جو وڊيو بيان

ٻئي پاسي حليم عادل شيخ جي ڌيءُ عائشه حليم وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته خبر ناهي ته والد کي ڪٿي رکيو ويو آهي؟ پهرين به ٻڌايو اٿم والد جي زندگي کي خطرو آهي، ملڪ ۾ قانون موجود آهي ته ٻڌايو وڃي بابا کي ڪٿي ۽ ڪهڙي ڪيس ۾ رکيو ويو آهي

Haleem Adil Sheikh or anyone else